حالي، الطاف حسين

حالي، الطاف حسين

الطاف حسين حالي

حالي، الطاف حسين: اردو ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ نقاد الطاف حسين حالي، 1837ع ڌاري پاڻيپٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو خواجه بخش هو. هيءُ 9 سالن جو هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو، قرآن مجيد پورو ڪري فقھ، حديث ۽ فلسفي جي تعليم پرايائين، ان دوران ئي سندس شادي ٿي. هن 1857ع ۾ دهليءَ وڃي مولوي نوازش عليءَ کان وڌيڪ علم پرايو. 1857ع ۾ نواب مصطفيٰ خان رئيس جهانگير آباد جي پٽن جي پڙهائيءَ لاءِ کيس مقرر ڪيو. 8 سالن تائين کين پڙهائيندو رهيو، ان دوران کيس شاعريءَ جو شوق ٿيو ۽ اردو جي مقبول شاعر غالب کي پنهنجو ڪلام ڏيکارڻ شروع ڪيائين، جنهن کانپوءِ روزگار جي ڳولا ۾ لاهور پهتو، جتي کيس تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي. 1880ع ۾ اينگلو عريبڪ اسڪول دهليءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. حاليءَ اردو شاعريءَ ۾ جديد ۽ قومي شاعريءَ جو بنياد وڌو. اردو نثر ۾ سوانح نگاري ۽ مغربي طور تي تنقيد جي شروعات به حاليءَ ڪئي. سندس مشهور ڪتابن ۾: (1) ’حيات جاويد‘، (2) ’حـيـات سيدي‘، (3) ’يادگار غالب‘، (4) ’مقدمه شعر و شاعري‘، (5) ’مقالات و مڪاتيب‘ ۽ (6) ’مسدس حالي‘ شامل آهن.الطاف حسين حالي'> الطاف حسين حالي 1941ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مسندس حاليءَ جو سنڌي شاعرن اثر ورتو. ادبي تنقيد جي لاڙي تي به سندس ڪتاب مقدمه شعر و شاعري جو اثر ڏسي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو